قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فتنه الهندوستان جا هڙئي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ گذريل 12 مهينن دوران سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 700 کان وڌيڪ دهشتگردن مارجي ويا آهن.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته رڳو گذريل ٻن ڏينهن دوران سيڪيورٽي فورسز مختلف ڪارروائين ۾ 70 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
ڇنڇر ڏينهن دهشتگردن طرفان ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيل حملن بابت ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته ”اڄ صبح سويرن فتنه الهندوستان جي دهشتگردن مختلف علائقن ۾ حملن جي ڪوشش ڪئي، بلوچستان پوليس ۽ ايف سي جي بهادر جوانن گڏجي دهشتگردن جا سڀ حملا ناڪام بڻايا.“
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ڪارروائين ۾ هينئر تائين 37 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بزدلاڻا حملا دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، رياست آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سڪون سان نه ويهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.