لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جي ڪِٽ جي مهورتي تقريب رد ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم جي ڪِٽ جي مهورت اڄ آسٽريليا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ جي ٽاس کانپوءِ ٿيڻي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ڪِٽ جي مهورت اڻٽر سببن جي بنياد تي رد ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، اڃا تائين عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي شرڪت يا بائيڪاٽ بابت فيصلو نه ٿيڻ به مهورتي تقريب رد ڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو.