ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، پيٽ ڪمنز انجري سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندن جاءِ تي بين ڊاروشيئس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ آسٽريليا جي حتمي اسڪواڊ ۾ ميٿيو شارٽ جي جاءِ تي ميٿيو رينشا کي شامل ڪيو ويو آهي.
آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ زيور بارٽليٽ، ڪوپر ڪونولي، ٽِم ڊيوڊ، بين ڊراس هوئس، ڪيمرون گرين، نيٿن ايليس، ٽريوس هيڊ، جوش هيزل ووڊ، جوش انگلس، ميٿيو ڪوهنمين، گلين ميڪسويل، ميٿيو رينشا، مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 7 فيبروري 2026 کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.