اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلوچستان جي 12 هنڌن تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا حملا ناڪام بڻائيندي 67 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملن کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪيون ۽ سمورا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مقابلن ۾ صبح کان هيل تائين فتنه الهندستان جا 67 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جا 10 جوان شهيد ٿيا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب گذريل ٻن ڏينهن ۾ پنجگور ۽ شعبان ۾ 41 دهشتگرد ماريا ويا هئا ۽ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 108 ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشنز ۽ فضائي نگراني جو عمل جاري آهي.
You might also like