احمدپور (رپورٽ: مختيار علي ميتلو) ڪنگري تعلقي ۾ معصوم ٻارڙن جا عضوا ڪمزور ٿي ويا هلڻ ڦرڻ کان لاچار انتظاميا پاران پوليو جا 14 شڪي ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف پوليو مهم دوران وڏي ڪرپشن ٿيڻ جا اطلاع پوليو مهم دوران ملازمن بجاء سوشل ورڪر ڀرتي ڪري ڦڙا پيارڻ واري مهم ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون لڳڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ صحت جي عالمي اداري جي عملدار پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪنگري تعلقي ۾ معصوم ٻارڙا نيوٽريشن جي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن جن جا عضوا ڄنگهون ٻانهون ۽ ٻيا عضوا گهٽ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ڪري کين پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي اهڙا 14 پوليو جا شڪي ڪيس ظاهر ڪيا ويا جن جا سيمپل وٺي چڪاس لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا هئا جيڪي نيگيٽو رپورٽ ٿيا آهن ان سلسلي ۾ صحت جي عالمي اداري جي آفيسر ابرار احمد عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڪنگري تعلقي جي 14 ٻارڙن کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيڻ بعد ٽيسٽون ڪرايون ويون جيڪي نيگيٽو آيون آهن پوليو جو نئون ڪوبه ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي هڪ چار سال اڳ جو ڪيس آهي جيڪو وڏا مهيسر جي علائقي ۾ رپورٽ ٿيو هو . 14 معصوم ٻارڙا ڪمزوري جو شڪار هئا .vپوليو مهم دوران سوشل ورڪر ڀرتي ڪرڻ ۽ ٻين معاملن مسئلن جي مونکي ڪا به خبر نه آهي .