مڙس طرفان ” ڀولي“ ڪوٺڻ تي ماڊل زال آپگهات ڪري ڇڏيو

لکنئو( ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر لکنئو ۾ مڙس طرفان ڀوڳن ۾ ” ڀولي“ ڪوٺڻ ماڊل زال آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، واقعو اندرا نگر جي ٽڪروهي علائقي ۾ پيش آيو، جتي 23 ورهين جي زال پنهنجي گهر ۾ زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي آپگهات جو ڪارڻ مڙس طرفان سندس ڀيڻ آڏو ڪيل مذاق هو.
تنو سنگهه نالي عورت جي شادي چار سال اڳ راھل سان ٿي هئي، جيڪو ٽڪروهي جو رهواسي آهي ۽ رڪشا ڊرائيور آهي، جڏهن ته زال ماڊلنگ جو ڪورس ڪري رهي هئي.
راھل پوليس کي ٻڌايو ته واقعو منجهند جي وقت پيش آيو، جڏهن مان، تنو ۽ سندس ڀيڻ انجلي گهر ۾ موجود هئاسين.
هن چيو ته هلڪي ڦلڪي ڳالهه ٻولهه ۽ مذاق دوران مون انجلي سان گڏجي تنو تي ٺٺول ڪئي ۽ کيس ”ڀولي“ چيو، جيڪا ڳالهه کيس بُري لڳي، جنهن کانپوءِ هن ڪجهه به نه چيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
پوليس موجب، مڙس کاڌو وٺڻ لاءِ ٻاهر ويو ۽ واپسي تي پنهنجي سالِي انجلي کي تنو کي سڏڻ لاءِ چيو، جڏهن انجلي ڪمري ۾ وئي ته دروازو اندران بند هو، بار بار سڏڻ باوجود ڪو جواب نه مليو، پوءِ هنن دريءَ مان جهاتي پائي ڏٺو ته تنو ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.
صدمي ۾ انجلي رڙيون ڪيون، سندس رڙين تي راھل ۽ پاڙيسري پهچي ويا، تنو کي فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس موت جي تصديق ڪئي.
پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موت ڦاهو کائڻ سبب ٿيو آهي.
پوليس اختيارين موجب، کين واقعي جو فوري اطلاع نه مليو، پر مقامي ماڻهن وٽان خبر پئي، پوسٽ مارٽم رپورٽ جو جائزو وٺڻ ۽ گهر ڀاتين جا بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.