سلمان، ايشوريا جي چڪر ۾ وويڪ جو ڪيريئر ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو، ڀارتي فلمساز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي فلمساز شيلندر سنگهه سپر اسٽار سلمان خان ۽ اداڪار وويڪ اوبراءِ جي وچ ۾تڪراري لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته 2003ع ۾ جڏهن وويڪ سلمان خان خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ان کانپوءِ سلمان خان سخت ڪاوڙ ۾ هو ۽ هن اها ڳالهه يقيني بڻائي ته وويڪ کي بالي ووڊ ۾ ڪم نه ملي.
واضح رهي ته 2003ع ۾ وويڪ اوبراءِ ايشوريا راءِ واري معاملي تي سلمان خان تي ڌمڪين جو الزام لڳايو هو.
وويڪ اوبراءِ جو چوڻ هو ته سلمان خان ايشوريا راءِ سان لاڳاپن سبب کيس ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن ته ان کان اڳ ايشوريا جو سلمان خان سان رشتو ٽٽي چڪو هو.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران شيلندر سنگهه ٻڌايو ته پريس ڪانفرنس دوران هو سلمان خان سان گڏ سندس اپارٽمينٽ ۾ موجود هو، جتي سلمان خان ڏاڍو تَپيل هو ۽ چيو ته ” هي سڀ ڇاهي“ .
ويوريڪ جي پريس ڪانفرنس تي مون سلمان خان کي چيو ته زندگي ۾ ردعمل ڏيڻ بدران عمل ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، اهو پوءِ به ٿي سگهي ٿو، في الحال ڪجهه کائون پيئون پوءِ جيڪو ڪرڻو آهي ڪنداسين.
مون سلمان خان کي چيو ته تڙ تڪڙ ۾ ڪو قدم نه کڻو، خاموشيءَ سان انتظار ڪريو ۽ پوءِ خاموشي سان مقابلو ڪريو، منهنجي خيال ۾ سلمان خان ائين ئي ڪيو ۽ هن اها ڳالهه يقيني بڻائي ته مستقبل وويڪ اوبراءِ کي بالي ووڊ ۾ ڪم نه ملي.
شيلندر سنگهه چيو ته مان پڪ سان ته نٿو چئي سگهان، پر حالتون اهڙيون ئي نظر اچن ٿيون، ڇو ته ان کانپوءِ هوريان هوريان وويڪ کي ڪم ملڻ بند ٿي ويو.
ان واقعي جي ويهه ورهين بعد وويڪ اوبراءِ هڪ بيان ۾ پنهنجي پريس ڪانفرنس واري عمل تي مايوسي جو اظهار ڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته ”شوٽ آئوٽ لوکنڊوالا“ جهڙي ڪامياب فلم کانپوءِ به هو 14 سال گهر ويٺو رهيو، ڇو⁠ته کيس ڪو ڪم نه مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.