الله تي ڀروسو رکڻ سان ذهني سڪون ملي ٿو: مهوش حيات

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مضبوط ايمان زندگي جي پريشانين کي منهن ڏيڻ ۽ ذهني دٻاءَ مان نڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
مهوش حيات پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ زندگي جي ڏکيائين ۽ ذهني دٻاءَ سان منهن ڏيڻ جي طريقن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا آهن.
هن ٻڌايو ته جڏهن به منهنجي زندگي ۾ ڏکيائيون آيون آهن ته مون الله کان رهنمائي ۽ مدد گهري آهي.
اداڪارا موجب، الله تي مڪمل ڀروسو رکڻ سان ذهني سڪون ملي ٿو، ڇو ته الله سان مضبوط تعلق غير يقيني لمحن ۾ اهو يقين ڏياري ٿو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
هن چيو ته ايمان انسان کي هر قسم جي پريشانيءَ ۾ صبر ۽ اعتماد سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو ۽ روحانيت ۾ واڌارو ڪري ٿو.
مهوش حيات وڌيڪ چيو ته الله سان مضبوط تعلق روزمرهه زندگي ۾ توازن ۽ سڪون برقرار رکڻ لاءِ يقين ۽ دعا جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو،
هن اهو به چيو ته مضبوط ايمان اڄ جي جديد ۽ تيز رفتار زندگيءَ ۾ به سڪون، استحڪام ۽ اميد جو هڪ طاقتور ذريعو بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.