”ڇا ڪرڻو آهي، فيصلو ڪرڻو پوندو“ ورلڊ ڪپ بابت اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جو وڏو بيان

ڀارت جي اڳوڻي اسپنر روي ايشون ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ امڪاني ٽيم ڪامبينيشن بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو
چنائي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي اسپنر روي ايشون ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ امڪاني ٽيم ڪامبينيشن بابت اهم بيان ڏنو آهي.
پنهنجي يوٽيوب چينل تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته 2027 لاءِ ڀارت پليئنگ اليون ۾ هڪ اسپيشلسٽ اسپنر جي چونڊ ڪري سگهي ٿو ۽ ڪلدِيپ يادَو يا ورون چڪرورتي مان ڪنهن هڪ کي چونڊي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ٽيم کي اهڙي اسپنر جي گهرج آهي جيڪو بيٽنگ به ڪري سگهي، ان ڏس ڀارت وٽ اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر ۽ رويندر جاڙيجا جا آپشن موجود آهن.
ايشون جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان ٻه اسپنر کيڏائي رهيا آهيو ته ٻنهي کي ٽيم ۾ نمبر اٺ تي هئڻ گهرجي، ان ڪري ٻه اسپنر کيڏائڻ ڏکيو هوندو آهي، توهان وٽ ٻه اسپنر کيڏائي سگهو ٿا پر انهن مان هڪ اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو بيٽنگ به ڪري سگهي.
ايشون وڌيڪ چيو ته ڀارت فيصلو ڪري ته ڇا ڪرڻو آهي، سندس خيال آهي ته ڀارت کي رڳو هڪ اسپيشلسٽ اسپنر سان وڃڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.