اسلام آباد (عاصما شيرازي) عمران خان جي اک جي سرجري جي حوالي سان عطا تارڙ تصديق ڪئي آهي ته کيس اسپتال منتقل ڪيو يو هو پر هو صحتمند آهي. ان تي نورين نيازي ۽ قاسم خان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان صحمند آهي ته ملاقات ڪرائي وڃي. سهيل آفريدي به ان تي ڳالهايو آهي. شيخ وقاص اڪرم چيو ته عمران خان هدايت ڏني هئي ته ملاقات نه ٿيڻ جي صورت ۾ خيبرپختونخوا بند ڪيو ويندو، اها هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي. ائي ٿيو ته پاڪستان ۽ وفاقي ايڪين ۽ مجموعي صورتحال لاءِ ڳنڀير سوال جنم وٺندا. اهڙي صورت ۾ رياست ۽ وفاق ٻنهي لاءِ خدشا پيدا ٿيندا. خاص طور تي جڏهن ملڪ اڳ ئي اندروني بيچيني ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي. ان لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته ملاقاتن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني حڪمت عملي تي حڪومت سنجيدگي سان غور ڪري. ٻئي پاسي پارٽي ۾ اختلاف آهن ته طئي ٿيو هو ته عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته ڪي پي بند ڪرڻ جو آپشن غور هيٺ آندو ويندو جنهن کي پريس رليز ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.