لاهور ۾ گٽر ۾ ڪرڻ سبب ماءُ ۽ ڌيءَ جو موت، منصوبي جي سموري ٽيم معطل

لاهور (بيورو) لاهور ۾ سيوريج لائن ۾ ڪريل ٻارڙي جو لاش مليو، داتا درٻار منصوبي جي سموري ٽيم کي معطل ڪيو ويو،  ريسڪيو عملدارن موجب سيوريج لائن ۾ ڪريل 10 ورهين جي ردا فاطما جو لاش آئوٽ فال روڊ جي سيوريج لائن مان ملي ويو، ان کان اڳ عورت جو به لاش گٽر مان ڪڍيو ويو هو، ڊائريڪٽر جنرل لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي طاهر فاروق ڀاٽي چوڪ ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري معاملي تي سخت ايڪشن ورتو، داتا درٻار منصوبي تي ڪم ڪندڙ پوري ٽيم کي معطل ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سب انجنيئر کي معطل ڪيو ويو، سيوريج لائن ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ جو ڪيس دخل ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس عورت جي والد جي فرياد ۾ داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس پراجيڪٽ مئنيجر اصغر سنڌو، سيفٽي انچارج دانيال ۽ سائٽ انچارج احمد نواز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته معاملي ۾ سنگين غفلت سامهون آئي آهي، ڪهاڻي راز کولي ڇڏيا، رپورٽ موجب ڀاٽي گيٽ جي واقعے جي اطلاع ملڻ تي لاھور پوليس فوري موقع تي پهتي جتي انتظامي ادارا واقعے جي حقيقت کان مڪمل انڪار ڪري رهيا هئا، انتظاميه عورت ۽ ٻارڙي جي گم ٿيڻ تي زور ڏئي رهي هئي، ذميوار آفيسرن طرفان گٽر ۾ عورت ۽ ڌيءَ جي ڪرڻ کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، لاھور پوليس ڪيترن ئي انتظامي آفيسرن جا بيان وٺڻ کان پوءِ عورت جي مڙس ۽ ڏير کي حراست ۾ ورتو ۽ ضابطي موجب  واقعي جي هر رخ جي جاچ شروع ڪئي، حراست دوران پوليس تيز ترين سرچ اينڊ ريسڪيُو آپريشن پڻ هلايو جنهن جي نگراني لاھور پوليس جا اعليٰ آفيسر پاڻ ڪري رهيا هئا، جاچ ۽ آپريشن کانپوءِ عورت جي مڙس ۽ ڏير کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ڀاٽي گيٽ جي واقعي ۽ قتل ۾ ڪو فرق ناهي، هر سطح تي مجرماڻي غفلت ٿي آهي، لاهور جي بھاٽي چوڪ ۾ کليل گتر ۾ هڪ عورت ۽ ٻارڙي جي ڪري  فوت ٿيڻ تي اعليٰ سطح جي اجلاس دوران مريم نواز لاڳاپيل ادارن تي ڪاوڙجي پئي،ڪمشنر لاھور، اسسٽنٽ ڪمشنر، واسا، ايل ڊي اي، ڊپٽي کمشنر لاھور، ٽريفڪ پوليس ۽ پوليس کي برابر ذميوار قرار ڏنو، مريم نواز چيو ته هر سطح تي مجرماڻو عمل ٿيو، ڏهه ڏهه کاتا گڏ هئا پر ڪنهن وٽ جواب نه هو، آڌا درجن انچارج هئا پر جڏهن حادثو ٿيو ته ڪو موجود نه هو، ڪمشنر، ڊي سي، ڊي جي ايل ڊي اي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي سزا ملڻ گهرجي، جتي عورت ڪري اتي روشني نه هئي، سائيٽ بند ڪرڻ لاءِ پينا فليڪس لڳايا ويا پر روشني جو ڪو انتظام نه ڪيو ويو، تعميراتي هنڌ تي پارڪنگ نه هجڻ گهرجي هئي، پر ڪو پارڪنگ ٺاهي پئسا وٺي رهيو هو، مريم نواز ٽيپا پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، سيڪيورٽي انچارج ۽ واسا جي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ نوڪري مان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته انهن کي ٻيهر نوڪري نه ملي، مريم نواز چيو ته هر جاءِ تي ڏهه ڏهه ادارا آهن پر ڪو ذميوار نه آهي، پنجاب ۾ هر جان قيمتي آهي ۽ حادثي جي جاءِ تي مجرماڻي غفلت ٿي، جيڪڏهن فوت ٿيل ٻارڙي ڪنهن انتظامي آفيسر جي هجي ها ته انتظامي مشينري فوري هلندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.