وقت تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، ايران تي هاڻوڪو حملو وڌيڪ سخت هوندو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هڪ بحري ٻيڙو ڀرپور طاقت، جوش ۽ واضح مقصد سان ايران ڏانهن وڌي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هڪ وڏو بحري ٻيڙو ايران ڏانهن وڌي رهيو آهي، وينزويلا موڪليل ٻيڙي کان به وڏي ٻيڙي جي قيادت عظيم بحري جهاز ابراهم لنڪن ڪري رهيو آهي، وينزويلا جيان هي بحري ٻيڙو به ضرورت پوڻ تي طاقت، تشدد سان پنهنجي مشن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو اهل آهي.
هن چيو اميد ته ايران جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي ايندو ۽ منصفاڻي ۽ برابري جي معاهدي تي ڳالهيون ڪندو، ڪو جوهري هٿيار نه، اهڙو معاهدو، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ بهتر هجي.
سندس چوڻ هو ته وقت تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ معاملو واقعي انتهائي اهم آهي، مان ايران کي به اڳ چيو هو ته معاهدو ڪري ڇڏيو پر انهن نه ڪيو ۽ پوءِ آپريشن مڊنائيٽ هيمر ٿيو، ايران وڏي تباهي ڏٺي.
آمريڪي صدر ايران کي معاهدو نه ڪرڻ تي بدترين حملي جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ايندڙ حملو ان کان وڌيڪ شديد هوندو، اهو ٻيهر نه ٿيڻ ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.