ڀارت ۾ موتمار وائرس پکڙجڻ لڳو، ڪيترائي ملڪ الرٽ

ڀارت ۾ موتمار وائرس نيپا جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ٿائلينڊ، ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ نيپال حفاظتي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ، ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ نيپال جي سرحدن ۽ ايئرپورٽن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته تيزي سان پکڙجندڙ نيپا وائرس سان موت جو خطرو 40 کان 70 سيڪڙو تائين هوندو آهي، جڏهن ته ان کان بچاءَ جي اڃا تائين ڪا ويڪسين ناهي ٺهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.