ڪراچي: آن لائن خريداري ۾ وڏو دوکو، شهري ڪپڙن بدران اٽي جي ٻوري ملڻ تي ڪنزيومر ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آن لائن شاپنگ دوران شهري سان حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو، جتي آرڊر ڪيل مهانگن ڪپڙن بدران اٽي جي ٻوري وصول ٿي.
متاثر شهري ڪپڙن جي برانڊ ۽ نجي ڪوريئر ڪمپني خلاف ڪنزيومر ڪورٽ اوڀر ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ڪنزيومر ڪورٽ اوڀر ۾ داخل درخواست موجب شهري پهرين ڊسمبر تي آن لائن ڪپڙن جو آرڊر ڏنو هو، جنهن جي ماليت 55 هزار رپين کان وڌيڪ هئي.
درخواستگذار جو چوڻ آهي ته 4 ڊسمبر تي نجي ڪوريئر ڪمپني ذريعي پارسل وصول ٿيو، جيڪو کوليو ته ڪپڙن بدران اٽي جي ٻوري نڪتي.
درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته ان غير امڪاني صورتحال کانپوءِ شهري لاڳاپيل ڪپڙن جي برانڊ سان اي ميل ۽ ڪسٽمر سپورٽ ذريعي ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن قسم جو جواب نه ڏنو ويو.
شهري موجب پوءِ قانوني نوٽيس موڪلڻ تي برانڊ رابطو ڪري رقم واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ رقم جي واپسي بدران ووچر ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن کي درخواستگذار فراڊ قرار ڏنو.
شهري عدالت کي اپيل ڪئي ته ڪپرن جي سموري رقم واپس ڏياري وڃي، گڏوگڏ ذهني اذيت ۽ پريشاني عيوض 2 لک رپيا ڏنڊ طور ڏياريا وڃن.
درخواست ۾ ڪوريئر ڪمپني کي به ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
ڪمزيومر ڪورٽ شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ ڪپڙن جي برانڊ ۽ ڪوريئر ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪندي 31 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.