ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ۽ ڪوريوگرافر فرح خان پنهنجي هڪ وي لاگ دوران فلم انڊسٽري ۾ خوبصورتي جي معيار بابت دلچسپ تبصرو ڪيو، جنهن ۾ هن ايشوريا راءِ بچن کي واحد اداڪارا قرار ڏنو، جنهن کي هوءَ فطري طور خوبصورت سمجهي ٿي.
فرح خان هڪ اسڪن ڪيئر برانڊ جي مشهوري دوران پنهنجي ڪُڪنگ وي لاگ ۾ گفتگو جو حصو بڻي، ان موقعي تي سندس باورچي دليپ فرح جي چمڪندڙ چهري جي واکاڻ ڪئي، جنهن تي فرح مزاحيه انداز ۾ چيو ته اها سندس ”فطري چمڪ“ ۽ ”اندروني خوبصورتي“ آهي.
ان کان پوءِ هن ڪيمرا ڏانهن ڏسندي اسڪن ڪيئر پراڊڪٽ کي ان تعريف جو اصل حقدار قرار ڏنو ۽ کلندي چيو ته ”دليپ کي ائين ئي سمجهڻ ڏيو ته مان فطري طور خوبصورت آهيان.“
ان دوران فرح خان فلم انڊسٽري ۾ رائج خوبصورتي جي معيار تي تبصرو ڪندي چيو ته ”ايشوريا راءِ کي ڇڏي شايد ئي ڪا فطري طور خوبصورت هجي.“
سندس اهو بيان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي، جنهن تي ڪيترائي واهپيدار مختلف تبصرا ڪندي پنهنجا رايا پيش ڪري رهيا آهن.