خبر نه هئي ته پاڪستان ۾ ايڏو سيءُ هوندو، مان ته گرم ڪپڙا به ناهيان کڻي آيو: مچل مارش

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان مچل مارش اعتراف ڪيو آهي ته کيس پاڪستان ۾ ايڏي ٿڌ جي اميد نه هئي، انڪري مان گرم ڪپڙا به ناهيان کڻي آيو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 29 جنوري کان پهرين فيبروري تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.
هي سيريز پاڪستان ۽ آسٽريليا ٻنهي لاءِ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 کان اڳ تياري جو بهترين موقعو آهي.
سيريز لاءِ لاهور پهچڻ کانپوءِ آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پنهنجي ٽيم جي مڪمل تياريءَ تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
آسٽريلوي ڪپتان چيو ته هي سيريز ٻنهي ٽيمن لاءِ ورلڊ ڪپ جي تيارين جي حوالي سان گهڻي اهم آهي، اسان جي ٽيم رانديگرن دبئي ۾ ڀرپور ٽريننگ ڪئي آهي.
مچل مارش چيو ته بِگ بيش ليگ جي مصروفيتن سبب اسان مان ڪجهه رانديگر دير سان هتي پهتا، پر اسان مڪمل طور تي تيار آهيون ۽ هڪ شاندار سيريز جا منتظر آهيون.
مچل مارش واضح ڪيو ته جيڪي رانديگر هن سيريز جو حصو ناهن، اهي ورلڊ ڪپ کان اڳ اسڪواڊ کي جوائن ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته ورڪ لوڊ مينيجمينٽ سبب پاڪستان خلاف سيريز ۾ آسٽريليا کي پيٽ ڪمنز، ٽم ڊيوڊ، جوش هيزل ووڊ ۽ گلين ميڪسويل جهڙن اهم رانديگرن جون خدمتون حاصل نه هونديون.
پاڪستان جي هن اهم دوري دوران آسٽريلوي ٽيم کي موسمي حالتن کي به منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن مچل مارش کي حيران ڪري ڇڏيو.
آسٽريلوي ڪپتان اعتراف ڪيو ته کيس اندازو نه هو ته پاڪستان ۾ ايڏو سيءُ هوندو، تنهنڪري هن گرم ڪپڙا به نه آندا هئا.
مچل مارش وڌيڪ چيو ته مون کي مڃڻو پوندو ته مون گرم ڪپڙا پيڪ نه ڪيا هئا، مون کي خبر نه هئي ته پاڪستان ۾ ايڏو سيءُ هوندو آهي، ٻيهر ايندس ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.