ورلڊ ڪپ کان اڳ آخري امتحان، پاڪستان سڀاڻي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن به شرڪت ڪئي.
آسٽريليا جي ٽيم ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي، مهمان ٽيم جي آمد کانپوءِ سيريز جي جڳمڳائيندڙ ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي.
مهورتي تقريب ۾ آسٽريليا جي ڪپتان مچل مارش ۽ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن پري سيريز پريس ڪانفرنس ڪندي سيريز کي دلچسپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ اهم قرار ڏنو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جون ٽئي ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون، جيڪي 29 جنوري، 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري تي شام 4 وڳي شروع ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.