16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي بابت درخواست تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.
عدالت ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پي ٽي اي، قانون ۽ انصاف واري وزارت سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
چيف جسٽس عاليا نيلم اٺين جماعت جي شاگردياڻي طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار عاليا سليم جي نمائندگي شيزا قريشي ايڊووڪيٽ ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عاليا نيلم ريمارڪس ڏنا ته اهو هڪ حساس نوعيت جو معاملو آهي، سموريون ڌريون پنهنجا جواب جمع ڪرائين، اهو معاملو حڪومت جو پاليسي ميٽر به هجڻ گهرجي.
عدالت پي ٽي اي سميت سڀني ڌرين کي هدايت ڪئي ته هو 10 فيبروري تائين شق وار جواب جمع ڪرائين.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا ٻارن جي ذهني، اخلاقي ۽ تعليمي واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ٻارن جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي.
درخواست ۾ چيو ويو ته ٽڪ ٽاڪ سميت ٻيا سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٻارن جي نفسيات تي ناڪاري اثر وجهي رهيا آهن، تنهن ڪري 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي هنئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.