شوقينن لاءِ وڏي خبر، ڪنگ بابر اعظم ورلڊ ڪپ کان اڳ رڌم ۾ اچي ويو، ڇڪن ۽ چوڪن جي وڊيو وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ بابر اعظم بيٽ رڌم پڪڙي ورتو آهي.
پاڪستان جي اسٽار ۽ ڊگهي عرصي تائين آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ تي رهندڙ بابر اعظم مان ڪرڪيٽ شوقين وڏي اننگ جي اميد رکندا آهن، پر سندس پراڻو بيٽنگ فارم گذريل ٻن سالن کان کائنس رٺل آهي.
ان باوجود سندس مداحن لاءِ وڏي خبر اها آهي ته آسٽريليا سيريز ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ بيٽر جي بيٽ مان رنسون ٺهڻ لڳيون آهن ۽ هو چوڪا ڇڪا هڻي رهيو آهي.
بابر اعظم ورلڊ ڪپ انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس سيشن دوران فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي خلاف پنج بالن تي جارحاڻو انداز اختيار ڪندي 21 رنسون ٺاهيون.
بابر اعظم جي پريڪٽس سيشن دوران جارحاڻي بيٽنگ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهين شاهه آفريدي مختلف انداز سان بالنگ ڪندي وڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پر بابر اعظم پر اعتماد انداز سان کيڏندي نظر اچي ٿو. هن ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن ذريعي پنهنجي پراڻي بيٽنگ فارم جي جهلڪ پسائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.