ايم ڪيو ايم ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ چاهي ٿي ته قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻي: سنڌ حڪومت جي ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ چاهي ٿي ته قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعديه جاويد چيو گل پلازا سانحي تي جڊيشل ڪميشن جي ضرورت پئي ته ضرور جوڙي ويندي پر بليڪ ميلنگ ذريعي جڊيشل ڪميشن نه ٺهندي، ضروري ناهي ته اپوزيشن جي هر فرمائش پوري ڪئي وڃي.
هن چيو ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته وفاق ڪراچي حوالي ڪيو وڃي ته قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻي، ايم ڪيو ايم کان سوال ڪيان ٿي ته جڏهن بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳي ته اسان کي به شڪ هو، ان وقت ايم ڪيو ايم تي الزام هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.