ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته گل پلازا جي تعمير ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال لڳندا.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جو پهريون مقصد ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ۽ واپارين جي بحالي آهي، وڏي وزير سانحي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي، رپورٽ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي، جيڪڏهن انڪوائري رپورٽ مطئمن ڪندڙ نه هوندي ته جڊيشل انڪوائري ڪرائينداسين، جيڪو به ذميوار نڪتو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت گل پلازا کي ٻيهر تعمير ڪري رهي آهي، ان جي تعمير ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال لڳندا، گل پلازا ۾ ايترا ئي دڪان ٺاهيا ويندا جيترا هئا، واپارين کي ويجهن پلازن جي دڪانن ۾ شفٽ ڪيو ويندو.
You might also like