پاڪ-آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي سيريز، پي سي بي ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ڪامينٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڳوڻو آسٽريلوي ٽيسٽ اوپنر سائمن ڪيٽچ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندڙ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪامينٽيٽر طور پنهنجون ذميواريون نڀائيندو.
سائمن ڪيٽچ ان کان اڳ مارچ 2022ع ۾ پڻ آسٽريلوي ٽيم جي 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي تاريخي دوري دوران ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪامينٽري جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي.
ڪامينٽري پينل ۾ سائمن ڪيٽچ سان گڏ اڳوڻو پاڪستاني ٽيسٽ ڪپتان عامر سهيل، رميز راجا ۽ اڳوڻو ٽيسٽ بيٽر بازيد خان شامل هوندا، جڏهن ته پاڪستان وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عروج ممتاز به پنج رڪني ڪامينٽري ٽيم جو حصو هوندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندي.
سيريز جي ٻي ۽ ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ترتيبوار ڇنڇر 31 جنوري ۽ آچر 1 فيبروري تي کيڏي ويندي، ٽئي ميچون پاڪستاني وقت موجب شام چئي وڳي شروع ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.