اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد رياستي ادارن گمراهه ڪندڙ الزامن لڳائڻ جي ڪيس ۾ عدم حاضري تي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت اين سي سي آءِ اي ڪيس داخل ڪيو آهي.
سينيئر سول جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
You might also like