آسيا کوسو زيادتي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ اهلڪار جو نالو شامل،ناري پاران بيان رڪارڊ

جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد جي ڪنزيومر پروٽيڪشن جي جج وسيم احمد لاکير جي عدالت ۾ آسيا کوسو زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر گرفتار ٿيل 8 جوابدارن سب انسپيڪٽر نواز بروھي چوڪي انچارج مقصود سنجراڻي اي ايس آءِ محراب سندراڻي خادم حسين، عبدالنبي سامت، مير حسن بمبل، برڪت جکراڻي سميت ٻين کي پيش ڪيو ايف آءِ اي پاران گرفتار ٿيل جوابدارن جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي عدالت ايف آءِ اي جو درخواست منظور ڪندي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدارن کي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 1 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ايف آءِ اي جاچ آفيسر جاچ دوران متاثره ناري جي 161 جي بيان کان پوءِ وڌيڪ هڪ جوابدار وڏي منشي ياسين نوناري جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر احسان ميراڻي کان صحافين پڇا ڪئي ته ڇا جوابدار ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جاچ ميرٽ جي بنياد تي هلي پئي ڪيس تي ڪير به اثرانداز نه ٿي سگهندو متاثره ناري کي ضرور انصاف ملندو جڏهن ته متاثره ناري آسيا کوسو پاڻ سان ٿيندڙ واقعي بابت عدالت ۾ 164 جو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي متاثره ناري جج آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته مقصود سنجراڻي وڏو منشي ياسين نوناري ڏاڏيءَ ۽ ڀيڻ سميت گهران کنڀيو  اسان کي پاتل سونيون واليون ۽ ڪنگڻ به لاٿا ويا جنھن کانپوءِ اسان کي هڪ جڳهه تي رکيو ويو جتي رات جي وقت جوابدار مون کي ڏاڏيءَ جي ڪمري کان ٻاهر ڪڍي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويندا هئا جتي موجود 8 اهلڪار ٻُٽ ٻڌي واري واري سان زيادتي جو نشانو بڻائيندا هئا جڏهن ته مون کي هٿيار ڏيکاري خاموش ڪرايو ويندو هو ناري بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت ڏکايل هئي ناري بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ وارثن سان واپس رواني ٿي وئي.

  1. آءِ جي سنڌ پاران آسيا کوسو سان اجتماعي زيادتي ٿيڻ جو اعتراف

اسلام آباد/ٺل (عوامي آواز رپورٽ) ٺل ٿاڻي اندر ناري سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس بابت آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ موجب زيادتي ايس ايڇ او نه پر ٿاڻي ۾ موجود پوليس اهلڪارن ڪئي، جيڪي نقاب پائي واري واري ناري وٽ ايندا رهيا. ناري کي اهو گمان رهيو ته ايس ايڇ او به واقعي ۾ شامل آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ان رات ٿاڻي تيموجود نه هو. ان باوجود ايس ايڇ او سميت سمورن لاڳاپيل اهلڪارن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي. متاثر ناري آسيا کوسو پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهلڪار کيس ڏاڏيءَ کان ڌار ڪري ٻُٽ ٻڌي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا. ناري موجب اٺ جوابدار هفتي تائين هن سان زيادتي ڪندا رهيا. ڪيس ۾ آسيا کوسو جو 164 وارو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ ٺل ۾ ٿاڻي اندر ناري سان اجتماعي زيادتي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.