لاهور(گوهر بٽ+امداد سومرو) سنڌ ۾ ڪرپشن جي جاچ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، يعني هاڻي ٻهارو ڦرڻ لڳو آهي، پهريون نشانو آبپاشي کاتي (ايريگيشن ڊپارٽمينٽ) جو سيڪريٽري، ۽ ٻيو سنڌ جو سولر انرجي پروجيڪٽ۔ اهي ٻئي معاملا هاڻي نيب جي ريڊار تي آهن۔نيب طرفان آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي،ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس 7 جنوري تي ٿيو هو۔ جنهن ۾ آر بي او ڊي ،نالن ۽ ڪئنالن جي ڀل صفائي (ڊيسلٽنگ) گھوسٽ ملازم۽ مختلف ٺيڪن بابت آڊٽ اعتراضن تي جواب گهريا ويا۔آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري، اجلاس ۾ پيش ٿيو، پر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي سندن جواب مطمئن نه ڪري سگهيا۔هن ٻڌايو ته آر بي او ڊي منصوبي تي 40 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪو آهي۔ اهو منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو گڏيل منصوبو آهي۔ آبپاشي کاتي جون ڳريون مشينون، ايڪسڪي ويٽر، ڊوزر وغيره، ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت مختلف شهرن ۾ ڪئنالن ڀرسان خراب حالت ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون۔ بجيٽ ته ايندي آهي، پر مشينري تي خرچ نٿي ٿئي، پيسو کائو وڃي ٿو۔آبپاشي کاتو ڪارڪردگي ۾ شايد سڀني کان هيٺ، ۽ پيسا ٺاهڻ ۾ سڀني کان مٿي آهي۔ ان حوالي سان ظريف کيڙو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ميسيج به موڪليو، پر نه جواب مليو، نه فون کنيو ويو۔ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو صاحب سان به رابطو نه ٿي سگهيو،ٻئي پاسي سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي اينٽي ڪرپشن کي چيو ويو آهي ته هي معاملو هاڻي نيب جي اختيار ۾ آهي۔هي منصوبو لڳ ڀڳ 28 کان 30 ارب رپين جو هو، جنهن تحت ٻه لک کان وڌيڪ گهرن کي سولر پينل ڏيڻا هئا۔ نيب جي جاچ سان گڏ سياسي پهلو به جنم وٺي رهيا آهن۔ خبرون آهن ته سنڌ ۾ ڪيترن وڏن آفيسرن جون بدليون ٿي رهيون آهن، خاص طور تي اهي جيڪي قيادت جي ويجهو سمجهيا وڃن ٿا۔مختصر اهو ته سنڌ حڪومت جا ڏينهن ڏکيا لڳي رهيا آهن، جاچون بغير سبب جي ناهن ٿينديون۔ آبپاشي کاتي ۾ جيڪڏهن جاچ ٿئي ٿي ته ڪو به نٿو چئي سگهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي۔