قومن کي پنهنجن وسيلن،پاڻي ۽ ڌرتي تي مالڪي جو اختيار نٿو ڏنو وڃي\باچا خان امن ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) ملڪ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، ليکڪن، دانشورن چيو آهي ته باچا خان برصغير ۾ امن، ڀائيچاري ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪئي، جيستائين ملڪ ۾ قومي وحدتن جي حيثيت کي تسلم ڪري قومن کي پنهنجن وسيلن، پاڻي، درياهه ۽ ڌرتي تي مالڪي جو اختيار نٿو ڏنو وڃي، تيستائين ملڪ معاشي ۽ سياسي طور مضبوط نٿو ٿي سگهي، قومي وحدتن تي ٻڌل ملڪ ۾ صوبائي حدون بدلائڻ جي ڳالهه ڪرڻ وفاق کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي، نون صوبن جي ڳالهه ڪري ملڪ کي وڌيڪ بحران طرف ڌڪڻ بجاءِ امن ۽ ترقي لاءِ سمورين ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن “باچا خان امن ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي ڪيو. عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته باچا خان برصغير ۾ امن، ڀائيچاري ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪئي، هو هر طبقي جي ماڻهن جو اڳواڻ هو،باچا خان چوندو هو ته پاڪستان جو مستقبل تڏهن ئي مضبوط ۽ محفوظ ٿيندو، جڏهن جمهوري نظام مضبوط هجي، قومن جي ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن. هن چيو ته هن وقت پختونخواهه ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي پختونن کي ڀت سان لڳائي قوم ۽ رياست کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙو عمل خطرناڪ ثابت ٿيندو، اهڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته باچا خان هندستان جي ورهاڱي جو مخالف هو، هو ورهاست نه پر آزاد ۽ خوشحال هندستان جو حامي هو، هو سمجهندو هو ته ورهاڱي سان مسئلا گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي ويندا. هن چيو ته هن وقت پختون، سنڌي ۽ بلوچ قوم سان ظلم ٿي رهيو آهي، 15 سيڪڙو ماڻهو قومن جي تقدير جو فيصلو ڪن ٿا، هي ملڪ هڪ قوم نه پر قومن جو مجموعو آهي، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان تڏهن رهندو، جڏهن ملڪ ۾ برابري جو نظام هوندو ۽ قومون مضبوط ٿينديون، معاشي ترقي تڏهن ٿيندي، جڏهن هر صوبو هڪٻئي جو مخالف نه هوندو. جمهوري نظام ۽ آئين مضبوط هوندو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته سائين جي ايم سيد، باچا خان کي پنهنجو ليڊر چوندو هو، هو سادگيءَ جو پتلو، مثالي قومي ڪارڪن ۽ عدم تشدد جي پرچار ڪرڻ وارو بهادر ليڊر هو، هو ڪنهن به طاقت کان نه پئي ڊنو، هن قومي تشخص لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي، هو هڪ اصول پرست انسان هو، اسان کي ان جي سياست کي اڳتي کڻي هلڻو آهي. هن چيو ته اسان کي جلسا ئي ڪرڻ نٿا ڏنا وڃن، جلسا جلوس ڪرڻ سنڌ ۾ ممڪن ئي ناهن، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ٿيندي آهي ته اسان کي جلسو ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي، صوبن کان اختيار کسي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، اهڙي سياست قيدخانو محسوس ٿي رهي آهي. پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر رضا رباني چيو ته باچا خان جي ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد رهي آهي، جيڪا امن، حقن ۽ صوبائي خودمختياري لاءِ جاري رهندي، اسان پاڻ کي ان جدوجهد، اصولن ۽ سياست جو امين سمجهون ٿا. هن چيو ته اسان امن ۽ برابري جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر پاڪستان جي سياست کي سوچڻو پوندو ته اڄ جيڪي بحث ٿي رهيا آهن ۽ حالتون جيڏانهن وڃي رهيون آهن، ان سان امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پهريان صوبائي خودمختياري ۽ اختيار ڏئي وري واپس ڪرڻ ممڪن ناهي، هن وقت قومن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪي وزير 16 صوبن ۽ ڪي 12 صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ ڪي ڌريون ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو شوشو ڇڏي رهيون آهن، اسين واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته باچا خان عدم تشدد جو علمبردار هو. جنهن بابت مهاتما گانڌي چيو هو ته ڀارت جي ماڻهن کي عدم تشدد تي هلائڻ  ڏکيو ناهي، پر پشتونن کي عدم تشدد تي هلائڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. پر باچا خان اهو عظيم اڳواڻ هيو، جنهن پشتونن کي عدم تشدد واري راهه تي هلايو. هن چيو ته باچا خان کي سائين جي ايم سيد پنهنجو رهبر ۽ سائين جي ايم سيد کي وري باچا خان پنهنجو رهبر سڏيندو هو، اسان کي فخر آهي ته اسان باچا خان ۽ سائين جي ايم سيد جا پيروڪار آهيون. هن چيو ته اسان جڏهن آزاد عدليه، حقن جي مالڪي ۽ برابري جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اها ڳالهه پنجاب کي قبول ناهي ۽ سنڌين کي غدار چيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪنهن انساني قتلام جو حصو ناهي رهي، اسان ڪنهن جي وطن تي قبضو ناهي ڪيو ۽ بربريت جو حصو ناهيون بڻيا. پر تاريخ ۾ سنڌي جبر جو شڪار رهيا آهيون، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته باچا خان جي جدوجهد هڪ صديءَ تي مشتمل آهي، هن عدم تشدد جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته پنجاب سدائين مظلوم قومن جي وسيلن تي قابض رهيو آهي، پشتون، بلوچ ۽ سنڌي پاڻ کي مظلوم سمجهن ٿا. هن چيو ته  اسين جمهوري ۽ آئيني نظام جي بالادستي چاهيون ٿا، اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن ۾ انساني زندگيون، حق ۽ وسيلا محفوظ هجن، باچا خان جي فلسفي کي اڳتي وڌنداسين. عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته پختونخواهه صوبي ۾ حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سڄو سال بدامني جي باهه ٻري ٿي ۽ جتي باهه ٻرندي هجي اتي هر شئي سڙي ويندي آهي. هن چيو ته اسان وٽ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، هر ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ پريشان آهي، اسان جا ٻارڙا به سوشل ميڊيا جهڙي غلط پليٽ فارم کان محفوظ ناهن رهيا. اهڙين حالتن ۾ باچا خان جي امن ۽ پيار جي فلسفي تي هلڻ جي ضرورت آهي قومي عوامي تحريڪ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو ته ملڪ هن وقت ڪرپشن ۽ دهستگردي جهڙن مسئلن جو شڪار آهي، هتي حقيقي جمهوريت جو نه هجڻ ئي مسئلن جي بنيادي جڙ آهي. هن چيو ته جيڪي 17 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهيا آهن، اهي ئي وسيلن ۽ ساحل تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، روزگار، خوشحالي ۽ امن نٿا ڏين، اڄ اڌ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ اڌ سنڌ دهشتگردن جي حوالي ٿيل آهي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته ملڪ تي نااهل حڪمران قابض ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هتي نه ادارا، نه پارليامينٽ ۽ نه ئي صحافت آزاد آهي. هتي قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن، جيڪي ماڻهن جي حقن ۽ قومن جي وسيلن جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن کي غداري جا لقب ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته هتي 27هين ترميم پاس ڪري ۽ پيڪا ايڪٽ ٺاهي مظلوم قومن جي آواز کي دٻايو ويو آهي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو چيو ته امن انصاف کان بغير قائم نٿو ٿي سگهي، امن لاءِ انصاف قائم ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جبر خلاف باچا خان جدوجهد ڪئي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿي تڏهن 60 ميمبرن مان 28 ميمبرن قرارداد پاس ڪئي، هن چيو ته لاهور قرارداد ۾ قومن جي آزادي جي ڳالهه ٿيل هئي، پر هي ملڪ بدترين مرڪزيت جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، سنڌ عملي طور تي ڪالوني بڻيل آهي، جنهن جا فيصلا ٻيا ڪري رهيا آهن، درياهه جي پاڻي جا فيصلا ٻيا ڪن ٿا، قومن کي پنهنجن وسيلن تي اختيار ناهي، جن ملڪ ٺاهيو، انهن کي ڪالوني طور هلايو پيو وڃي، اسان جا فيصلا اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن، اسين واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته سنڌ فتح ٿيل ناهي، پر هڪ معاهدي تحت هن ملڪ ۾ شامل ٿي آهي، ان معاهدي تحت ئي ملڪ کي هلائڻو پوندوعوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو چيو ته پشتون ۽ سنڌين ۾ سدائين هم آهنگي، محبت ۽ پيار رهيو آهي، باچا خان جو پيغام نه صرف پشتون پر پوري پاڪستان جي خوشحالي ۽ ڀائيچاري لاءِ آهي. هن چيو ته اڄ به سنڌي قوم خطري هيٺ آهي، هن وقت به ملڪي سطح تي پونم ڪهڙي اتحاد جي ضرورت آهي، جيڪا قومن جي حقن جي ڳالهه ڪري. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ظفر صديقي چيو ته باچا خان قرباني ۽ امن جو نالو آهي، هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، ايم ڪيو ايم عدم تشدد واري جدوجهد ۾ اي اين پي سان گڏ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ عروج تي پهتل آهي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مسلم پرويز چيو ته اسان ملڪ ۾ تڏهن امن قائم ڪري سگهون ٿا، جڏهن قومن جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي، پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينيئر نائب صدر شاهه محمد شاهه چيو ته برصغير ۾ امن جي ڳالهه ٿيندي ته اتي هڪ نالو باچا خان جو به ايندو آهي، باچا خان امن جو نالو آهي. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ اي اين پي اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو هن وقت عوام کي بهترين ڦل ملي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ پختونخواهه قومي وطن آهن، ان ڳالهه کي مڃڻو پوندو ۽ قومن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪرڻو پوندي، جدوجهد ذريعي قومي، جمهوري ۽ سيڪيولر رياست بنائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.