عاصمه جهانگير انساني حقن جي بچاءُ جو مڪمل ادارو هئي \وڪيل اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻ ۽ نامياري وڪيل عاصمہ جهانگير جي جنم ڏينهن بابت تقريب ٽيم عاصمہ جهانگير سنڌ ۽ ضلع بار حيدرآباد پاران ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي چيئرمين ايڊووڪيٽ محمد اياز تنيو، ضلع صدر ايڊووڪيٽ عشر مجيد کوکر، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ڪي بي لغاري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سيد وسيم شاھ ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، سنڌين نيشنل ڪانگريس جي صدر ايڊووڪيٽ محب آزاد، ٽيم عاصمہ جهانگير سنڌ جي صدر ايڊووڪيٽ صباحت لغاري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مير علي عاجز، انفارميشن سيڪريٽري  ايڊووڪيٽ طارق بلوچ ميمبر سي سي ايڊووڪيٽ اظهر خاصخيلي هيومن رائٽس ڪميشن جي اڳواڻ غفرانہ آرائين ايڊووڪيٽ امداد انڙ ايڊووڪيٽ غلام سرور وڪي ايڊووڪيٽ مصور ڪانڌڙي، سنجي مهاراج ونود ڪمار ، سنڌ بار ڪائونسل جي انساني حقن واري ڪاميٽي جي سربراه ايڊووڪيٽ عرفان ٻگهيو صدارتي مهمان طور  شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب خطاب ڪندي اياز تنيو چيو ته عاصمہ جهانگير جهڙي عظيم شخصيت کي ڪڏهن وساري نہ ٿو سگهجي. هن سدائين انساني حق لاءِ جاکوڙ ڪئي. صباحت لغاري چيو تہ عاصمه هڪ فرد نہ پر انساني حقن جي دفاع جو مڪمل ادارو هئي. مير علي عاجز چيو تہ هن هميشه آمرن خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪيترائي ڀيرا ان پاداش ۾ غداري ۽ توهين مذهب جا الزام به لڳا. صدارتي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ عرفان ٻگهيو چيو تہ عاصمه جهانگير سدائين مظلومن جو ساٿ ڏنو،  ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ وزير حسين چانڊيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيضل مغل، ايڊووڪيٽ رينه سهتو، ايڊووڪيٽ  احد ڪاڪا، ايڊووڪيٽ امتياز چانڊيو. ايڊووڪيٽ شاهد ميراڻي. ايڊووڪيٽ عامر ويسر سميت وڏي تعداد ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.