اسلام آباد (فرخ سليم) ڀارت ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدو خطي ۾ واپاري توازن کي تبديل ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اثر پاڪستان جهڙي برآمدي معيشت تي به پئجي سگهي ٿو. يورپي يونين پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، جتي ٽيڪسٽائل، ڪپڙا، چمڙو ۽ زرعي شيون اڳ ۾ ئي عالمي سطح تي مقابلي ۾ آهن. جيڪڏهن ڀارت کي يورپي مارڪيٽ ۾ ٽيرف رعايت ملي ٿي ته پاڪستان جي برآمدي حصي ۾ 5 کان 10 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هر سال 0.5 کان 1.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو نقصان 10 کان 20 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو. ان جو اثر رڳو برآمدات تائين محدود نه هوندو پر پرڏيهي مٽاسٽا، واپاري خسارو، صنعتي پيداوار ۽ لکين نوڪرين تي به اثر پوندو. پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو جي ايس پي پلس جي تسلسل، صنعتي اپ گريڊيشن ۽ برآمدي تنوع تي فوري ڌيان ڏئي ته جيئن اهو يورپي مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکي سگهي.