گل پلازا سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي سگهجي ٿي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، ڪنهن به جان جو ڪو مُلھھ ناهي هوندو ۽ ڪو به معاوضو حياتي واپس نٿو آڻي سگهي، پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت فوتين جي وارثن لاءِ في ماڻهو هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته متاثر دڪاندارن کي فوري طور ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پنج پنج لک رپيا ۽ متبادل جاءِ فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. هن  چيو ته فائر آڊٽ سان گڏ عمارتن ۾ باهه کان بچاءَ وارن قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اثرائتو نظام تيار ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم بابت خبرن کي رد ڪندي چيو ته اھو ھڪ شوشو ھو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومتِ سنڌ پاران اعليٰ سطح تي گل پلازه سانحي جي بارڪ بيني سان جاچ ڪئي پئي وڃي، ۽ جيڪڏهن وڌيڪ جاچ جي ضرورت محسوس ٿي ته عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان به پاسو نه ڪيو ويندو.هڪ ٽي وي اينڪر طرفان ڪراچي بابت ڏنل تڪراري بيان بابت سوال تي هن چيو ته هو لاڳاپيل ٽي وي چينل جي انتظاميه کي اپيل ڪندو ته اهڙو بيان ڏيندڙ اينڪر خلاف اداري اندر جاچ ڪئي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.