ميلبورن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر ڪين رچرڊسن پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،34 ورهين جي ڪين رچرڊسن بگ بيش ليگ سيزن جي پڄاڻي تي انسٽاگرام ذريعي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ڪين رچرڊسن سڊني سڪسزرز سان هڪ سالا معاهدو ڪيو هو، پر هو هن سيزن ۾ رڳو ٻه ميچون کيڏي سگهيو، هو بگ بيش ليگ جي شروعاتي سيزن کان ئي هن ٽورنامينٽ جو حصو رهيو آهي.
رچرڊسن پنهنجي بگ بيش ڪيريئر جو خاتمو ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ پنجين نمبر سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر طور ڪيو، هن مجموعي طور 142 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پنهنجي بيان ۾ ڪين رچرڊسن چيو ته ” مان بگ بيش ليگ جي پڄاڻي تي پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪريان ٿو، 2009ع ۾ ڊيبيو کان وٺي اڄ تائين مون کي لڳي ٿو ته مان پنهنجي سموري صلاحيت استعمال ڪري چڪو آهيان ۽ هاڻي هن شاندار سفر کي ختم ڪرڻ جو صحيح وقت آهي.“
واضح رهي ته رچرڊسن آسٽريليا جي نمائندگي ڪندي 25 ون ڊي ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون پڻ کيڏي چڪو آهي.
هو 2021ع ۾ گڏيل عرب رياستن ۾ ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيم جو حصو هو، جڏهن ته 2019ع واري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ به هن شرڪت ڪئي هئي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کانسواءِ رچرڊسن دنيا جي مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگز ۾ پڻ کيڏيو، جن ۾ انڊين پريميئر ليگ، ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ، دي هنڊرڊ ۽ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي شامل آهن.
You might also like