هندي سئنما پنهنجي پاڙن کان ڪٽجي وئي، ڏکڻ ڀارت ۾ اڄ به ڪهاڻي زنده آهي: پرڪاش راج

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور اداڪار پرڪاش راج هندي فلمن کي”پلاسٽڪ“ قرار ڏيندي چيو آهي ته هندي فلمون رڳو ظاهري چمڪ تائين محدود ٿي ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پرڪاش راج ڪيرالا لٽريچر فيسٽيول دوران مين اسٽريم هندي سئنما تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي انڊسٽري هوريان هوريان پنهنجي اصل سڃاڻپ ۽ پاڙن کان پري ٿيندي وڃي پئي.
ڇنڇر ڏينهن ٿيل ادبي ميلي ۾ ڳالهائيندي پرڪاش راج هندي سئنما جو مقابلو مليالم ۽ تامل فلم انڊسٽري سان ڪيو، جن کي هن مضبوط ۽ بهترين ڪهاڻين سبب ساراهيو.
پرڪاش راج چيو ته موجوده دور ۾ مليالم ۽ تامل سئنما ۾ نهايت مضبوط فلمون ٺهي رهيون آهن، جڏهن⁠ ته هندي فلمون رڳو ظاهري چمڪ تائين محدود ٿي ويون آهن.
چيو ته ”هندي سئنما پنهنجي پارون وڃائي ويٺي آهي. سڀ ڪجهه خوبصورت ۽ شاندار نظر اچي ٿو، پر پلاسٽڪ جهڙو، بلڪل مادام تسائو ميوزيم وانگر.“
هن چيو ته جتي ڏکڻ ڀارتي فلمون ڪهاڻي ۽ سماجي موضوعن تي مضبوط نموني ويچاري رهيون آهن، اتي هندي سئنما ۾ تماشو ۽ ڏيکاءُ وارو مواد حاوي ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته تامل سئنما جا نوجوان هدايتڪار دلت مسئلن جهڙن موضوعن تي فلمون ٺاهي رهيا آهن، جيڪو اميد جو هڪ ڪرڻو آهي.
پرڪاش راج چيو ته ” ڏکڻ وارن وٽ اڃا به اهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن، جيڪي ٻڌائڻ گهرجن ۽ اها ئي ڳالهه اميد پيدا ڪري ٿي.“
پرڪاش راج هندي سئنما کي مصنوعي قرار ڏيندي چيو ته ڪاروباري دٻاءَ فلمسازن کي اهڙين شين تي ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي رڳو باڪس آفيس ڪاميابي کي يقيني بڻائين، ڀلي ان جي بدلي حقيقي ڪهاڻي قربان ڇو نه ٿي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته گليمر ۽ سطحي ڪشش جي وڌندڙ لاڙن هندي سئنما ۽ عوام جي وچ ۾ جذباتي لاڳاپي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.