”ورلڊ ڪپ کيڏندئو يا نه؟ اسان کي تياري به ڪرڻي آهي“ پاڪستان طرفان ٽورنامينٽ جي بائيڪاٽ تي آئس لينڊ جي ٺٺول

آئس لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت بابت فيصلي ۾ دير تي ڪيل تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.
آئس لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” ظاهر آهي پاڪستان ٻه فيبروري تائين اهو حتمي فيصلو نه ڪندو ته هو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندو يا نه، جيڪو اسان جي ٽيم سان انتهائي چالاڪي ۽ ناانصافي آهي، ڇو⁠ ته بهترين ڪارڪردگي لاءِ اسان کي واضح صورتحال ۽ مڪمل تياري جي ضرورت آهي. هونئن به اسان جو ڪپتان هڪ پروفيشنل بيڪر آهي.“
هي پوسٽ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي پاڪستاني واهپيدار به دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
جنيد ظهير نالي صارف جواب ۾ لکيو ته ”پاڪستان تي ٺٺول ڪرڻ سان آئس لينڊ جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان غير موجودگي ختم نه ٿيندي، ڪرڪيٽ رنسن ۽ وڪيٽن سان کيڏي ويندي آهي، ٽوئيٽن سان نه.“
عبدالرحمان چيو ته ” ڏسو ته صحيح اِها ڳالهه ڪير ڪري رهيو آهي، پي سي بي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي نظر رکو، اپڊيٽس ملنديون رهنديون، ڳڻتي جهڙي ڪائي ڳالهه ناهي.“
شاهد صديقي لکيو ته ”يوگنڊا توهان کان اڳ تياري ڪري رهيو آهي، توهان وٽ رڳو ان صورت ۾ موقعو آهي، جيڪڏهن يوگنڊا پاڪستان سان ايڪي طور بائيڪاٽ ڪري. تنهنڪري ٻنهي هٿن جون آڱريون ڪراس ڪري رکو.“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”توهان جو سوشل ميڊيا هينڊلر ٽيلنٽ ۾ اوور ٽائيم ڪري رهيو آهي، سندس باقاعده پگهار وڌائڻ گهرجي.“
واضح رهي ته آئس لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سوشل ميڊيا تي طنزيه ۽ مزاحيه پوسٽن سبب اڪثر خبرن ۾ رهندي آهي ۽ اڄ به هن پوسٽ تي ڀارتي ۽ پاڪستاني واهپيدارن وڏي انگ ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ جواب ڏئي رهيا آهن.
آئس لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيئي رانديگر فل ٽائيم ڪرڪيٽر ناهن ۽ مختلف نوڪريون ڪن ٿا.
ان ڏس ۾ آئس لينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته ”اسان جو ڪپتان پروفيشنل بيڪر آهي“ يعني ڪرڪيٽ سندس مستقبل جو شعبو ناهي، ان ڪري تياري ضروري آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي موجب پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت بابت فيصلو جمعي يا ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪيو هو.
محسن نقوي سومر ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو هو ته ”ملاقات دوران وزيراعظم کي آءِ سي سي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم سمورن آپشنز کي نظر ۾ رکندي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.“
ذريعن موجب، ملاقات دوران محسن نقوي وزيراعظم کي آءِ سي سي جي ٻٽي معيار بابت به آگاهه ڪيو.
محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي ڀارت لاءِ هڪڙو قانون ۽ ٻين ملڪن لاءِ ٻيو قانون استعمال ڪري ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي چيو ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي دوران پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي ان کي متبادل وينيو ڏنو ويو.
ذريعن موجب، محسن نقوي ٻڌايو ته بنگلاديش به سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت وڃڻ بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو هو، پر بنگلاديش کي متبادل وينيو ڏيڻ بدران عالمي ڪپ مان ٻاهر ڪيو ويو.
ذريعن موجب، محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان عالمي ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندو ته پاڪستان کي شرڪت جي عيوض جهجهي رقم نه ملندي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڀارت سان ميچ نه کيڏي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ڀارت کي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.