ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار کي چونڊ وڙهڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو.
فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا گل پلازا سانحي جي ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جو چيئرمين مراد علي شاهه هوندو، ذيلي ڪميٽي سانحي بابت پيش ڪيل رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ ضروري قانوني ۽ سڌارن لاءِ قدم تجويز ڪندي، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايندڙ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪندي.
هن چيو فاروق ستار کي مقابلي جو شوق آهي ته ٻئي چونڊ ٿا وڙهون، ايم ڪيو ايم جعلي مينڊيٽ تي آئي، اسان جو مينڊيٽ جعلي ناهي، ايم ڪيو ايم لاءِ اڳ به مشهور هو ته اها ٺپا مافيا آهي.
سندس چوڻ هو ته فاروق ستار جي ڳالهين کي سنجيده نه وٺو، انهن جا پاڻ ۾ ئي اختلاف هلي رهيا آهن، انهن جو ڪو ايمان ناهي، هڪ ڏينهن هڪڙي ۽ ٻئي ڏينهن ٻي ڳالهه ڪندا آهن، سياست ڪيئن ڪرڻي آهي اهو اسان طئي ڪنداسين، فاروق ستار يا ايم ڪيو ايم کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين.
You might also like