ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پ پ گل پلازا سانحي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهي يا ڪراچي کي وفاق حوالي ڪري.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته گل پلازا سانحي تي سنڌ حڪومت وٽ ڪو جواب ناهي، اهي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ ۾ جيتري دير ڪندا ايترا ڦاسندا.
هن چيو ته هي سانحو توهان کي سڪون سان جيئڻ نه ڏيندو، توهان جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو، اسان ڪڏهن کان هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر توهان جي عقلن تي پردو پئجي چڪو آهي.
You might also like