اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 6 مهينن کان غير فعال سمون بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پي ٽي اي موجب آپريٽرز کي اختيار آهي ته اهي 6 مهينن کان استعمال نه ٿيندڙ سمون بند ڪن، جن سمن تي 180 ڏينهن کان ڪال، ميسيج يا انٽرنيٽ استعمال ناهي ٿي اهي بند ٿينديون.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته غير فعال سمون بند ڪرڻ کانپوءِ اهي نمبر ڪنهن ٻئي کي جاري ڪيا ويندا.
سوشل ميڊيا پيغام ۾ پي ٽي اي چيو ته سم ڪنهن ٻئي واهپيدار کي جاري ٿيڻ کانپوءِ ان تي قانوني دعويٰ نه هوندي، واهپيدارن کي هدايت آهي ته پنهنجي سمن جو ذميواري سان استعمال جاري رکن.
You might also like