ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ارچنا پورن سنگهه ۽ پرميت سيٺي پنهنجي شادي جي شروعاتي ڏينهن ۽ پيش آيل ڏکيائين بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ارچنا پورن سنگهه يوٽيوب وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو ته شادي جي شروعاتي سالن ۾ گهر جو چرخو هلائيندڙ هوءَ پاڻ هئي.
هن چيو ته ظاهر طور هوءَ خوداعتماد هئي، پر اندروني طور کيس هڪ مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو، جتي هوءَ چاهيندي هئي ته ڪو سندس سهارو بڻجي، جيئن سندس ماءُ والد تي ڀاڙيندي هئي.
هن ٻڌايو ته ان وقت هن فلمي ڪيريئر ۾ اهڙا پروجيڪٽ به ڪيا، جن تي هوءَ فخر نٿي ڪري.
هن چيو ته مالي ضرورتن جي پورائي سبب هن ڪڏهن به ڪم لاءِ “نه“ نه ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن سي گريڊ فلمون ڪيون، جڏهن ته سندس مقصد رڳو گهروارن لاءِ ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ هو.
ارچنا اعتراف ڪيو ته وقت سان گڏ سندس دل ۾ ڪجهه ڪاوڙ جنم ورتو ۽ کيس اهو محسوس ٿيو ته جيڪڏهن پرميت اڳتي وڌي ذميواري سنڀالي ها ته شايد کيس اهي فلمون نه ڪرڻيون پون ها.
ٻئي پاسي پرميت سيٺي وضاحت ڪندي چيو ته هو شروع ۾ اهڙن ڪمن کان لنوائيندو هو، جيڪي سندس ڊگهي مدي وارن ڪيريئر هدفن سان ٺهڪندڙ نه هئا.
سندس چوڻ هو ته هو ارچنا کان عمر ۾ ست سال ننڍو هو ۽ ان وقت انڊسٽري ۾ هيرو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
پرميت چيو ته ”منهنجو ڪيريئر ٺهي رهيو هو ۽ هڪ غلط قدم مون کي انڊسٽري کان ٻاهر ڪري سگهي پيو.“
ارچنا چيو ته هوءَ به هيروئن طور ڪامياب ٿيڻ چاهيندي هئي، جنهن تي پرميت جواب ڏنو ته ”پر تون مون کان ست سال وڏي هئين ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ مون کان اڳتي هئين.“
واضح رهي ته ارچنا پورن سنگهه ۽ پرميت سيٺي 1992ع ۾ شادي ڪئي هئي، شروعاتي سالن ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏسندڙ جوڙو اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي ۽ کين ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي.