لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل چيو آهي ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ به کيڏڻ گهرجي ۽ ڀارت خلاف ميچ به کيڏڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت نٿو وڃي ۽ پنهنجون هڙئي ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندو، اسان پنهنجي ڳالهه مڃائي ورتي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽرچيو ته اهو به ڏسڻ گهرجي ته جيڪڏهن ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا.
هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جي رويي کي ڏٺو وڃي ته پوءِ پاڪستان کي ايشيا ڪپ به نه کيڏڻ گهرجي ها، پر سندس خيال ۾ پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کيڏڻ گهرجي ۽ کٽي پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي جواب ڏيڻ گهرجي.
ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ ڀارت خلاف به ميچ کيڏڻ گهرجي، پر پي سي بي معاملن کي وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو.
You might also like