ڪراچي: سامان کپائڻ آيل عورتون مالڪياڻي کي بيهوشي جو انجيڪشن لڳائي گهر ٻُهاري ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ساڍا 5 جي ايريا ۾ ڦورن جو گروهه عورت کي بيهوشي جي انجيڪشن لڳائي گهر ٻهاري ويو.
واقعي جو ڪيس زمان ٽائون ٿاڻي تي متاثر عورت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته مان گهر جو در کوليو ته هڪ عورت سامان وڪرو ڪرڻ آئي هئي، کيس اندر گهرايو ته هن پنهنجي ڌيءُ کي فون ڪري وڌيڪ سامان آڻڻ جو چيو، ان عورت جي ڌيءُ سان گڏ هڪ ڇوڪرو به زبردستي اندر اچي ويو.
متاثر عورت ٻڌايو ته ڦورن مون کي هٿيار ڏيکاري بيهوشي جي انجيڪشن لڳائي، مان مزاحمت ڪئي ته ڌڪ هنيا ويا، پوءِ مان بيهوش ٿي ويس.
عورت موجب جوابدار 7 لک رپيا روڪ، 15 گرام جا ٻه سونا سيٽ، 4 منڊيون، بريسليٽ ۽ موبائل فون کڻي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.