”پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ آءِ سي سي جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ تجزئي نگار ڊاڪٽر نعمان نياز چيو آهي ته پاڪستان جي بائيڪاٽ جي فيصلي سان ورلڊ ڪپ لوڏي ويندو ۽ معاملو تمام ڏکيو ٿي ويندو، ڇو ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي.
هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر نعمان نياز چيو ته بنگلاديش جا 200 ملين شوقين آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ به اٽڪل 25 ڪروڙ ڏسندڙ آهن، آءِ سي سي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچن لاءِ وڏا معاهدا ڪري چڪي آهي، معاشي طور تي اهڙي فيصلي سان آءِ سي سي جو ڏيوالو نڪري ويندو.
هن چيو ته ڀارت ڪيتري نقصان جو ازالو ادا ڪندو؟ رڳو بنگلاديش جي نڪرڻ سان آءِ سي سي کي ايترو وڏو نقصان نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش واپاري لحاظ کان ايترو اثرائتو ناهي.
ڊاڪٽر نعمان نياز موجب، پاڪ-ڀارت ميچ دوران هڪ چينل تي 10 سيڪنڊن جو ڪمرشل 18 هزار 750 ڊالرن جو هوندو آهي، جڏهن⁠ ته دنيا ۾ پاڪ-ڀارت جو هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ براڊڪاسٽرز کي 1.3 بلين ڊالرز جو فائدو ڏئي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي ٽورنامينٽ ۾ رڳو پاڪ-ڀارت ميچ مان 63 سيڪڙو ريونيو حاصل ٿئي ٿو، محسن نقوي بهترين ڪارڊ کيڏيو آهي ته اهو فيصلو پاڪستان حڪومت ڪندي، جيڪڏهن حڪومت ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان روڪي ٿي ته آءِ سي سي لاءِ پينلٽي لاڳو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.
ڊاڪٽر نعمان نياز چيو ته پاڪستان وٽ بهترين موقعو آهي، جيڪڏهن بائيڪاٽ ڪيو ويو ته پورو ورلڊ ڪپ لوڏي ويندو، هن چيو ته 14 سالن کان پاڪ-ڀارت وائٽ بال ڪرڪيٽ نه ٿي آهي، پر ان سان ايترو نقصان ناهي ٿيو.
هن چيو ته 90 سيڪڙو براڊڪاسٽرز ڀارتي آهن، جيڪڏهن پاڪستان ٻاهر نڪري ويو ته آءِ سي سي ٽورنامينٽ جي اهميت ئي ختم ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جيڪڏهن آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ته ان سان ڀارت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
واضح رهي ته پاڪستان کي هر سائيڪل ۾ آءِ سي سي طرفان 34 ملين ڊالرز گرانٽ ملندي آهي، پر ايندڙ سائيڪل ۾ آءِ سي سي رينڪنگ سسٽم آڻڻ واري آهي، جنهن سبب پاڪستان جي گرانٽ اڌ ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.