ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش چٽاگانگ ۾ انڊين اقتصادي زون جو منصوبو رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي ڊفينس اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش اڪنامڪ زونز اٿارٽي (BEZA) جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين چوڌري عاشق محمود بن هارون ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته چٽاگانگ ۾ انڊين اڪنامڪ زون منصوبي کي رد ڪري ان جي جاءِ تي ڊفينس اڪنامڪ زون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
چوڌري عاشق محمود جو چوڻ هو ته اهو فيصلو بنگلاديش امنامڪ زونز اٿارٽي جي گورننگ بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن جو مقصد فوجي ۽ دفاعي صنعتن ۾ ملڪي صلاحيت وڌائڻ آهي.
هن چيو ته فوجي صنعت ۾ هٿيارن ۽ ٻئي سامان جي تياري بابت گهڻي وقت کان ڳالهه ٻولهه جاري هئي، انهن شين جي عالمي سطح تي گهرج موجود آهي ۽ بنگلاديش کي به پنهنجون دفاعي ضرورتون پاڻ پوريون ڪرڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ آرمڊ فورسز ڊويزن، بچاءَ واري وزارت ۽ چيف ايڊوائزر جي آفيس ۾ گڏيل طور اڳ ئي ڪم هلي رهيو هو.
سندس چوڻ هو ته لڳ ڀڳ 850 ايڪڙ خالي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جون مهيني تائين انڊس اڪنامڪ زون لاءِ مختص هئي، بعد ۾ اهو منصوبو رد ڪيو ويو، هاڻي ان علائقي کي ماسٽر پلان ۾ دفاعي اقتصادي زون طور شامل ڪيو ويندو.
چوڌري عاشق محمود چيو ته ان حوالي سان بنگلاديش جي دوست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، في الحال اهو ٻڌائڻ ممڪن ناهي ته ڪهڙو فوجي سامان تيار ڪيو ويندو، ڇو ته ان جو فيصلو گهرج ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.
You might also like