”واٽس ايپ به محفوظ ناهي“ ايلون مسڪ جي دعويٰ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

دنيا جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا توڙي ايڪس جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ واٽس ايپ کي غير محفوظ ايپ قرار ڏئي ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ايلون مسڪ چيو ته ”واٽس ايپ محفوظ ناهي، جڏهن ته سگنل ايپ کي به مڪمل طور محفوظ قرار نٿو ڏئي سگهجي.“
ايلون مسڪ ايڪس چيٽ کي انهن ٻنهي پيغام رسائيندڙ ايپس جو محفوظ متبادل قرار ڏنو آهي.
ايلون مسڪ اها پوسٽ اهڙي وقت ڪئي آهي، جڏهن آمريڪي عدالت ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ان ڪيس ۾ واٽس ايپ جي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن واري دعويٰ کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ميٽا ۽ واٽس ايپ امڪاني طور واهپيدارن جي پرائيويٽ پيغامن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هي ڪيس آسٽريليا، ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت مختلف ملڪن جي واهپيدارن طرفان داخل ڪيو ويو آهي، جن جي دعويٰ آهي ته واٽس ايپ ۾ مناسب سيڪيورٽي تحفظ موجود ناهي.
ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ميٽا جا ملازم واهپيدارن جي ذاتي پيغامن تائين پهچ حاصل ڪن ٿا.
ڪيس ۾ ميٽا جي هڪ اڻڄاتل وسل بلوئر جي بيان کي بنياد بڻايو ويو آهي، جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته ميٽا جا اندروني سسٽم انڪرپشن کي باءِ پاس ڪري واهپيدارن جي پيغامن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪيس ۾ اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته اها رسائي لامحدود وقت تائين هوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ميٽا جا ملازم سموري ميسيج هسٽري ڏسي سگهن ٿا، ايستائين جو ڊليٽ ڪيل پيغام به سندن پهچ کان پري ناهن هوندا.
ان باوجود ڪيس جي دستاويزن ۾ ان حوالي سان ڪا به ٽيڪنيڪل شاهدي فراهم نه ڪئي وئي آهي.
ميٽا اهڙن سمورن الزامن کي رد ڪندي انهن کي کِل جوڳو قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.