ڪرن جوهر سوشل ميڊيا کي ” ڊجيٽل گدلاڻ“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز ڪرن جوهر سوشل ميڊيا کان پاسيرو ٿي ويو آهي..
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪرن جوهر گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا کان دوري اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ڪرن جوهر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري تي سوشل ميڊيا کان هڪ هفتي جي دوري جو اعلان ڪندي لکيو ته ”هو هڪ هفتي تائين پاڻ کي ڊجيٽل گدلاڻ کان پري رهندو.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”نه ڪا اسڪرولنگ، نه ڪو پيغام ۽ نه ئي ڪا پوسٽ هوندي.“
ان سان گڏ پروڊيوسر هڪ هفتي دوران سوشل ميڊيا جي سمورين سرگرمين کان پري رهڻ جي دعا پڻ ڪئي.
واضح رهي ته ڪرن جوهر سوشل ميڊيا کان عارضي طور وقفو وٺڻ کان اڳ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي فلم ”پيٽريئٽ“ جي تصوير شيئر ڪندي ان جي واکاڻ پڻ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.