آءِ سي سي بنگلاديشي ٽيم کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ بعد صحافين کي به ٽورنامينٽ جي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

ڍاڪا/دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪوريج لاءِ بنگلاديشي صحافين کي ايڪريڊيشن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، سريلنڪا ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ بنگلاديش جي ڪنهن به صحافي کي ايڪريڊيشن نه ڏني وئي، جڏهن ته ڪيترن اهڙن صحافين جون ايڪريڊيشن، جيڪي اڳ ۾ منظور ٿي چڪيون هيون هاڻي رد ڪيون ويون آهن.
بنگلاديش جي هڪ صحافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ صحافي کي 20 تاريخ تي ايڪريڊيشن جي تصديق واري اي ميل ملي، پر ان کانپوءِ ايڪريڊيشن رد ٿيڻ بابت ٻي اي ميل موڪلي وئي.
بنگلاديش جي سينيئر صحافي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ٽيم نه به کيڏي تڏهن به آءِ سي سي ايسوسيئيٽ ميمبرن جي صحافين کي ايڪريڊيشن جاري ڪندو آهي.
بنگلاديش جي راندين سان واڳيل صحافين جي تنظيمن جلد ايندڙ حڪمت عملي بابت اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي طرفان صحافين کي ايڪريڊيشن نه ڏيڻ واري معاملي تي ڪا به وضاحت فراهم نه ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيا ڪميٽي جي چيئرمين امزاد حسين صحافين کي ايڪريڊيشن نه ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته بنگلاديش جي 130 کان 150 صحافين ايڪريڊيشن لاءِ درخواستون ڏنيون هيون.
امزاد حسين چيو ته جيتري مون کي ڄاڻ آهي، بنگلاديش جي سڀني صحافين جون ايڪريڊيشنز رد ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي طرفان هن وقت تائين بنگلاديشي صحافين کي ايڪريڊيشن نه ڏيڻ واري معاملي تي ڪا به باضابطا وضاحت سامهون نه آئي آهي، جنهن سبب هي تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي.
بنگلاديشي صحافين جي ورلڊ ڪپ ايڪريڊيشن وارو معاملو
ٻئي پاسي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ سي سي ميڊيا صحافين جي نمائنده تنظيم کان ورلڊ ڪپ ڪوريج ڪرڻ وارن خواهشمند صحافين جي فهرست طلب ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، بنگلاديشي صحافين جي ايڪريڊيشن وارو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديشي صحافين پهريان ڀارت ۾ سڀ ميچون ڪور ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون هيون، جڏهن ته هاڻي بنگلاديشي صحافين کي سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ميچن لاءِ ايڪريڊيشن جاري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.