انڊر 19 ورلڊ ڪپ: پاڪستان سُپر سڪس جي اهم دنگل ۾ نيوزيلينڊ کي مات ڏئي ڇڏي

هراري (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سپر سڪس مرحلي جي اهم ميچ ۾ پاڪستان هڪ طرفي مقابلي ۾ نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان جي شاندار بالنگ سبب نيوزيلينڊ انڊر 19 ٽيم رڳو 110 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪيويز طرفان بوگو 39 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
گرين شرٽس طرفان عبدالسبحان 4 جڏهن ته علي رضا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان انڊر 19 ٽيم 111 رنسن جو هدف آساني سان 18هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
اوپنر سمير منھاس 76 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته گرين شرٽس کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ نه رڳو اڄوڪي ميچ کٽڻ ضروري هئي، پر پهرين فيبروري تي ڀارت خلاف ٿيندڙ ميچ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.