ڪراچي ۾ ايمان مزاري کي سزا خلاف احتجاج سبب پريس ڪلب ويندڙ رستا بند

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان (ايڇ آر سي پي ) ۽ سول سوسائٽي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافين،مزدور يونين ۽ وڪيلن پاران ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي عدالت پاران پيڪا ائڪٽ تحت ڏنل 17, سالن جي سزا خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته پيڪا ائڪٽ ختم ڪري وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس ور هادي علي چٺا جي سزا ختم ڪري کين آزاد ڪرڻ، پيڪا ائڪٽ تحت صحافين، وڪيلن، سماجي انساني حقن جي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيس واپس ورتا وڃن. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي مرڪزي اڳواڻ اسد اقبال بٽ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت بدران مارشلا لاڳو ٿيل آهي، ملڪ ۾ اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جو خاتمو ڪيو ويو آهي، اسان ايمان مزاري ۽ هادي چٺا کي هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ تي خون جي ڏوهه کان وڌيڪ سزا ڏئي حڪمرانن سمورن صحافين وڪيلن، مزدور اڳواڻن سميت سمورن شهرين کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجون زبانون، اکيون ۽ دماغ بند رکن، پر سموري ملڪ جو عوام آمريت جو مقابلو ڪندو، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي ) اڳواڻ، نامور صحافي مظهر عباس چيو ته ملڪ ۾ آمراڻن قدم کڻڻ لاءِ نواز ليگ، پاڪستان پيپلزپارٽي آمرن جي ساٿاري آهي ۽ انهن جي سهڪار سان پيڪا ائڪٽ آيو آهي ۽ اهي ئي ملڪ ۾ شهرين جي اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي خاتمي جا ذميوار آهن، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته پيپلزپارٽي صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي ساٿاري رهي آهي ،پر اڄ هو پارليامينٽ ۾ پيڪا ائڪٽ پاس ڪرڻ ۽ ٻين آمرانه قدم کڻڻ ۾ آمرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ آمريت وارا قدم کڻي هر بار ڪراچي پريس ڪلب جي رستن کي بند ڪيو وڃي ٿو، نواز ليگ ۽ پي پي پي پنهنجو ماضي ياد ڪن، جڏهن هو خود آمراڻي قدمن جو شڪار هئا ۽ جڏهن خود پيڪا ائڪٽ ۽ ٻين پاس ڪيل غير جمهوري قانونن جو شڪار ٿيندا ته اچي پريس ڪلبن ۾ پناهه وٺندا، وڪيل اڳواڻ رحمان ڪورائي چيو ته ٻن وڪيلن ايمان مزاري ،هادي علي چٺا کي 17,17 سال ٻڌايل سزا ملڪ جي سموري انصاف دوستن ۽ ججن کي به ڏني وئي آهي، ملڪ جا وڪيل ان خلاف سخت مزاحمت ڪندا، احتجاجي مظاهري ۾ سزا ٻڌايل وڪيلن جي آزادي، پيڪا ائڪٽ جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ نعرا هنيا ويا، ٻي طرف احتجاجي مظاهري کي روڪڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ايندڙ چو طرف رستن تي ڪنٽينر ۽ بسون بيهاري وڏي تعداد ۾ پوليس بيهاري ڪلب ايندڙ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن کي روڪيو ويو، جنهن ۾ شهيد ڀٽو پارٽي جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، صحافي شاهه زيب جيلاني، ناصر منصور سميت ڪيترن ئي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي رستي ۾ ئي روڪيو ويو، بعد ۾ احتجاج ختم ٿيڻ بعد دير شيما ڪرماني ،ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ شاهه زيب جيلاني ۽ ٻيا ڪراچي پريس ڪلب پهتا ۽ ڪلب کان ٻاهر بيٺل پوليس اٽالن ڪري سول سوسائٽي جا ڪارڪنن دير تائين پريس ڪلب اندر موجود رهيا، ان موقعي تي ذوالفقار ڀٽو جونيئر ڪلب اندر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي ڏنل سزا جمهوريت ۽ آئين جي منهن ۾ چماٽ هڻڻ جي برابر آهي، ملڪ جو آئين شهرين کي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو، پر نه ليگ ۽ پي پي پي گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي حڪمن کي لاڳو ڪري رهي آهي، جنهن جا نتيجا هنن لاءِ به خراب نڪرندا، شيما ڪرماني چيو ته هوءَ پي پي پي سنڌ حڪومت جي غير جمهوري عملن ۽ آمريت ڪري احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري آئي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت به آمريت جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ جنرل ضياء جو دور واپس اچي ويو آهي، ان موقعي تي احتجاج ختم ٿيڻ بعد دير سان پهتل ناصر منصور، قاضي خضر حيات، بئريسٽر صلاح الدین ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته هڪڙي ٽويٽ ڪري عدالت پاران سزا ٻڌائي وئي پر حڪومت ۾ ويٺلن سزا ۽ جزا کان بچڻ لاء اين آر او ورتا آهن، هنن چيو ته  ايمان مزاري ۽ هادي چٺا کي مظلومن جو آواز اٿارڻ تي اها سزا ڏني وئي آهي  اڳواڻن چيو ته سياسي پارٽيون اقتدار جو مدو وڌائڻ خاطر پيڪا جهڙا قانون پاس ڪن پيون پر اڳتي هلي انهن لاء ئي اهڙا قانون مصيبت بڻجي ويندا، ٻي طرف شام جو دير سان انداهي ٿيڻ بعد به پوليس پريس ڪلب جي ناڪا بندي ڪري گاڏين سان گڏ پيرين پنڌ وڃڻ وارن کي به روڪيندي رهي.

  1.  ايمان مزاري ۽ هادي علي بابت چيف جسٽس جا رمارڪس

اسلام آباد/لاهور (عوامي آواز رپورٽ) اسلام آباد ۾ وڏو احتجاج ٿيو، عدالتن اندر به هڙتال ڪئي وئي. هي معاملو ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا کي ڏنل سزائن سان لاڳاپيل هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار هڙتال جو سڏ ڏنو، پر ان دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جا ڪجهه غير معمولي ريمارڪس سامهون آيا، جن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس هڪ وڪيل کان پڇيو ته ڇا هو ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي وڪيل سمجهن ٿا؟ صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري ولاگ ۾ چيو ته هن سوال ذهن کي ماضي ڏانهن موڙي ڇڏيو، جڏهن ساڳئي ايمان مزاري هڪ گم ٿيل صحافي جي ڪيس ۾ ٻن وزيراعظمن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طلب ڪيو هو، جن مان هڪ عدالت ۾ به پيش ٿيو هو. جيڪڏهن اهڙي وڪيل بابت سوال اٿاريو وڃي ته هو وڪيل آهي يا نه، ته پوءِ فطري طور تي انصاف ۽ عدالتي ڪارروائي جي غير جانبداري بابت سوال پيدا ٿين ٿا. اهو لڳي ٿو ته عدالتي رويو ذاتي ٿي رهيو آهي، اهو سچ آهي يا نه، پر رمارڪس اهو تاثر ڏين ٿا. ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا ٻئي وڪيل هجڻ ڪري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار انهن جي گرفتاري خلاف ٽن ڏينهن جي هڙتال ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. وڪيلن جو هڪ وڏو انگ روڊن تي نڪتو، جيڪو تازن سالن ۾ گهٽ ئي ٿيو آهي. هي اهو رد عمل آهي جيڪو شروعات ۾ اشارو ڪيو ويو هو ته ڪجهه فيصلا انصاف کان وڌيڪ پيغام موڪلڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن، ۽ اهڙو پيغام اڪثر ڪري ابتو اثر ڇڏيندو آهي. جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران هڙتال جو ذڪر ڪيو ويو ته چيف جسٽس چيو ته هر ڪو سندس عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. جڏهن اهو ٻڌايو ويو ته هڙتال ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي گرفتاري خلاف هئي، ته چيف جسٽس پڇيو، ڇا توهان انهن کي وڪيل سمجهو ٿا؟ وڪيل هن سوال تي خاموش رهيا. اهي رمارڪس ان ڪري به اهم آهن جو هي عدالت مستقبل ۾ انهن جي اپيلن کي ٻڌڻ جي مجاز آهي. جيڪڏهن اهڙا تبصرا اڳ ۾ ئي ڪيا ويا آهن، ته ٻڌڻي جي انصاف تي سوال اٿارڻ فطري آهي. اهو پڻ هڪ حقيقت آهي ته ايمان مزاري جي سڃاڻپ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن سان ڳنڍيل آهي. انهن جي موقف ۽ رويي سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، انهن تي تنقيد به ڪري سگهجي ٿي، پر هن طريقي سان وڪيل جي پيشيوراڻي حيثيت کي شڪي بڻائڻ هڪ سنگين معاملو آهي. ماضي ۾، 2 وزيراعظم سندن ڪوششن جي ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيٺا هئا، جيڪو پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ غير معمولي واقعو هو. ڪنهن به رياست يا عدالتي ڪارروائي جو رد عمل ضرور هوندو آهي. چونڊن ۾ هجي، عدالتي فيصلن ۾ هجي يا سماجي معاملن ۾. دٻائڻ جون ڪوششون اڪثر آوازن کي بلند ڪنديون آهن. صحافي ۽ تجزئي نگار عمران شفقت چيو ته وڪيلن جي هڙتال جاري آهي ۽ عدليا خلاف سخت رد عمل اچي رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اهو پڇڻ ته ايمان مزاري وڪيل آهي يا نه، هڪ تمام افسوسناڪ تبصرو آهي. اهڙا بيان نه رڳو عدليا جي غير جانبداري تي سوال اٿارين ٿا پر انصاف جي گهرجن جي خلاف به آهن. رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو به سوچڻ گهرجي ته رڳو ٽوئيٽس لاءِ ڊگهيون سزائون ڏيڻ ڪيترو صحيح آهي. تنقيد ۽ بدسلوڪي ۾ فرق هجڻ گهرجي.

  1. ڪميونسٽ پارٽي پاران ايمان مزاري ۽ هادي علي جي گرفتاري جي مذمت

حيدرآباد (پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان چيو آهي ته گل پلازا جي حادثي کي بهانو بڻائي سنڌ کي ورهائڻ يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آڻڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن، سڄو ملڪ مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جتي بدعنواني ناهي؟ سڀ کان وڌيڪبدعنواني ته رياستي ادارا ڪري رهيا آهن ته پوءِ ڇا دفاعي اداري کي به ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ اصل مسئلو بدعنواني ۽ بدانتظامي جي خاتمي جو آهي، قومي وحدتن کي ٽوڙڻ بدران مرڪز کان وٺي صوبن تائين اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن، اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سنڌ صوبائي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيون ويون، اجلاس لنڊن ٽائون، قاسم آباد حيدرآباد ۾ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، صوبائي ڪاميٽي انساني حقن، جمهوري ۽ شهري آزاديءَ جي دفاع لاءِ قانوني جدوجهد ڪندڙ وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي گرفتاري، گرفتاري دوران سندن تذليل، ۽ عدالت تي دٻاءُ وجهي سمري فوجي عدالت وانگر ڏنل سزا واري فيصلي جي سخت مذمت ڪئي، امداد قاضي  ۽ ٻين چيو ته ملڪ کي قرضي بڻايو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ بدعنواني ته رياستي ادارا ڪري رهيا آهن ته پوءِ ڇا دفاعي اداري کي به ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ اصل مسئلو بدعنواني ۽ بدانتظامي جي خاتمي جو آهي، سنڌ خلاف سازشون برداشت نه ڪيون وينديون.

  1. تحريڪ تحفظ پاران ايمان مزاري کي سزا خلاف جيل ڀريو تحريڪ جو اشارو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جي سزا کان پوءِ، اسان به جيل ڀرائڻ جي تحريڪ شروع ڪري سگهون ٿا.  تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت ايمان مزاري جي ماءُ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري سان مزاري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ملاقات کان پوءِ، محمود خان اچڪزئي، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ بئريسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهايو ۽ ايمان مزاري کي ڏنل سزا جي سخت مذمت ڪئي. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان به جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪري سگهون ٿا، پوءِ ڏسنداسين ته اهي ڪيترا ماڻهو جيل ۾ وجهن ٿا. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اڄ پاڪستان تي آمريت مسلط ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته ان کي درست ڪرڻ گهرجي، جنهن قسم جا فيصلا ڪيا پيا وڃن اهي ملڪ کي اتر ڪوريا يا مصر جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش آهي.هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اهي چاهين ٿا ته ڪو به هن ملڪ ۾ سچائي لاءِ آواز نه اٿاري، جيڪڏهن ڪو ائين ڪري ٿو ته ان کي خاموش ڪرايو ويندو آهي.

  1. عدليه آزاد هجي، اهڙين حالتن ۾ رياست نه ٿي هلي سگهي ڪيپٽن صفدر

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته عدليه آزاد هجي، اهڙين حالتن ۾ رياست نه ٿي هلي سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته مانسهره بابت منهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ 22 سالن کان التوا ۾ آهي. اسان هتي جلد ٻڌڻي جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن 22 سال نه گذري وڃن. صحافي پڇيو ته ڪيترائي ماڻهو چئي رهيا آهن ته عدليه ايگزيڪيوٽو جي ڪنٽرول ۾ آهي. ايگزيڪيوٽو ۾ توهان جي خاندان جا ماڻهو آهن. ڇا توهان کي وڌيڪ پراميد ٿيڻ گهرجي؟ ڪيپٽن (ر) صفدر جواب ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾ اهڙيون حالتون هجن ته رياست ڪم نه ڪري سگهي. عدليه هميشه آزاد رهي آهي ۽ ان کي آزاد رهڻ گهرجي. ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته عدليه ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن اها پنهنجي ڪنٽرول ۾ به ناهي هوندي. جيڪڏهن عدليه ڪنٽرول ۾ هجي ها ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي ها ته صفدر جا سڀئي ڪيس ايبٽ آباد ۾ ٻڌا وڃن ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.