جي ميل ذريعي توهان جي ڄاڻ ڳجهي نموني اَي آءِ کي ملڻ لڳي، ڪيئن بچجي؟ طريقو ڄاڻيو

ٽيڪنالاجي ڪمپني ”گوگل“ جي ملڪيت اي ميل سروس ”جي ميل“ واهپيدارن لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳي خبر سامهون آئي آهي.
نيوز ويب سائيٽ ”هف پوسٽ“ موجب، سائبر سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته گوگل پاڻمرادو اهڙو آپشن فعال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت واهپيدارن جا اي ميل پيغام ۽ اٽيچمينٽس اي آءِ ماڊلز جي تربيت لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا.
جيڪڏهن واهپيدار نٿا چاهين ته سندن ذاتي يا آفيس ڊيٽا شيئر ٿئي ته کين پاڻ وڃي سيٽنگز ۾ تبديليون ڪرڻيون پونديون.
ان ڏس ۾ انجنيئر ڊيو جونز سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو آهي ته ”جي ميل واهپيدارن کي پاڻمرادو هن فيچر ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت گوگل کي ذاتي پيغامن ۽ فائلز تائين رسائي ملي سگهي ٿي.“
سندس چوڻ هو ته ” هي آپشن بند ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ ٻن مختلف هنڌن تي وڃي سمارٽ فيچرز کي آف ڪرڻ ضروري آهي.“
ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ جي ڊوڙ ۾ ڪمپنيون نئين انساني ڊيٽا جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيون آهن، تنهنڪري واهپيدارن جي روزمره ڊيٽا کي تربيت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
ان کان اڳ پاڻمرادو ميٽنگ نوٽس جهڙن فيچرز کي به ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي.
گوگل جي پرائيويسي پاليسي موجبم ڪمپني ڄاڻ کي پنهنجون سروسز بهتر بڻائڻ ۽ نوان فيچرز تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته ”بلومبرگ“ جي رپورٽ موجب، گوگل خلاف هڪ تجويز ڪيل اجتماعي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ڪمپني ڳجهي نموني جيمينائي اي آءِ کي واهپيدارن جي مڪمل اي ميل هسٽري تائين رسائي ڏني.
گوگل جي ترجمان اهڙين رپورٽن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته ”جي ميل جا سمارٽ فيچرز ڪيئي سالن کان موجود آهن ۽ واهپيدارن جي اي ميل مواد کي جيمينائي اي آءِ جي تربيت لاءِ استعمال نه پيو ڪيو وڃي.“
ترجمان موجب، گوگل پاليسي ۾ ڪنهن به تبديلي بابت واهپيدارن کي واضح طور تي آگاهه ڪيو ويندو آهي.
ان باوجود جيڪڏهن واهپيدار اڃا به پنهنجي پرائيويسي تي وڌيڪ ڪنٽرول چاهين ٿا ته هو هي فيچر بند ڪري سگهن ٿا.
ان لاءِ ڊيسڪ ٽاپ تي جي ميل جي سيٽنگز ۾ وڃي جنرل ٽيب مان ”سمارٽ فيچرز“ کي غيرفعال ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ”گوگل ورڪ اسپيس” جون سمارٽ سيٽنگز به الڳ سان بند ڪرڻيون پونديون.
موبائل واهپيدار به ڊيٽا پرائيويسي سيٽنگز ذريعي هي آپشن آف ڪري سگهن ٿا.
ها پر هي فيچر بند ڪرڻ سان ڪجهه لاڀائتيون سهولتون جهڙوڪ سمارٽ ڪمپوز، پاڻمرادو اي ميل فلٽرنگ، اسپيل چيڪ ۽ گرامر چيڪ به متاثر ٿي سگهن ٿيون.
ماهرن موجب، واهپيدارن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو سهولت کي ترجيح ڏين ٿا يا پرائيويسي کي، ڪيترن ماڻهن لاءِ پنهنجي ڄاڻ تي ڪنٽرول رکڻ، ڪنهن پاڻمرادو نظام حوالي ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.