شريڪ حيات سان لاڳاپا قائم رکڻ چاهيو ٿا ته رڳو هڪڙو ڪم ڪيو!

توهان پنهنجي سماجي حيثيت کي بهتر، زندگي کي ڪامياب يا پنهنجي شريڪ حيات سان تعلق کي ڊگهي مدي تائين قائم رکڻ چاهيو ٿا ته نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو.
اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
پنسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تحقيق موجب ماڻهن سان رابطي دوران آواز اهم ترين انساني خاصيت آهي ۽ اسان جو لهجو سڀ کان وڌيڪ ڌيان جوڳو پهلو آهي.
ان تحقيق ۾ 22 ملڪن سان واسطو رکندڙ 3173 ماڻهن کي شامل ڪري انهن کي آواز جون رڪارڊنگز ٻڌرايون ويون.
انهن آڊيو ڪلپس ۾ مردن يا عورتن جي آواز جي مختلف شدت واري فريڪوئنسيز کي استعمال ڪيو ويو.
نتيجن سان خبر پئي ته آواز جي فريڪوئنسي جي شدت سماجي تصور تي اثرانداز ٿيندي آهي.
تحقيق جي نتيجي ۾ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندڙ مردن يا عورتن کي وڌيڪ ڪامياب، احترام جوڳو تصور ڪيو ويو.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته عورتون ۽ مرد ٻئي نرم لهجي کي ڊگهي مدي جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش تصور ڪندا آهن.
محققن موجب نتيجن سان واضح ٿئي ٿو ته لهجو سڄي دنيا جي معاشرن ۾ ماڻهن لاءِ اهم هوندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل سائيڪولوجيڪل سائنس ۾ ڇپيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.