ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن چيو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين تان ايران تي ڪو به حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
گذريل هفتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا جو هڪ ”بحري ٻيڙو“ نار ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ واشنگٽن ايران تي گهري نظر رکيو پيو اچي.
سومر ڏينهن گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزارت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ورجايو ته اسان پنهنجي فضائي حدن، سرزمين يا پاڻين کي ايران خلاف ڪنهن به جارحاڻي فوجي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي عزم تي قائم آهيون.
واضح رهي ته يو اي اي ابوظهبي ڀرسان الظفرا ايئربيس تي هزارين آمريڪي فوجي اهلڪارن جي ميزباني ڪري ٿو، جيڪو نار ۾ آمريڪي فوجي اثاثن مان هڪ آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته يو اي اي حملن لاءِ لاجسٽڪ سهڪار فراهم ڪرڻ کان به انڪار ڪري ٿو، جڏهن ته موجوده بحرانن مان نڪرڻ جو بهترين طريقو ڳالهيون، عالمي قانونن جي پاسداري ۽ رياستن جي خودمختياري جو احترام آهي.
Next Post
You might also like