ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ايندڙ ڏيڍ مهيني لاءِ وياج جي شرح 10 ڏهائي 5 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رهندي.
اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيو، جنهن دوران وياج جي شرح بابت فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي وياج جي شرح برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو.
ان کانسواءِ گورنر بئنڪن ۾ روڪ رقم (ڪيش ريزرو) جمع ڪرائڻ جي شرح هڪ سيڪڙو گهٽائي 5 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.