اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ترقي بابت ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي پروموشن ۾ دير بابت فيصلو ٻڌائيندي اهل آفيسر جو پهرين ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي (ڊي پي سي) جي ڏينهن کان پروموشن جو حق بحال ڪري ڇڏيو آهي،
عدالت پنجاب سروس ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سرڪاري ملازم فخر مجيد جي پروموشن 21 جنوري 2012 کان لاڳو قرار ڏني آهي.
فيصلي موجب، پنجاب سروس ٽربيونل فخر مجيد جي پروموشن بابت اپيل رد ڪئي هئي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ملازم کي خالي عهدي جي تاريخ کان پروموشن جو حق حاصل نٿو ٿئي.
سپريم ڪورٽ اهو موقف رد ڪندي قرار ڏنو ته اهل سرڪاري ملازم کي پهرين ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي انعقاد واري ڏينهن کان پروموشن جو حق حاصل آهي.
ست صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس عائشه ملڪ جاري ڪيو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل بئنچ ڪئي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ٻڌايو ته ملازم فخر مجيد جي استدعا هئي ته سندس پروموشن پهرين ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي ڏينهن کان بحال ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته سرڪاري ملازمن جي پروموشن بنيادي حق آهي، انتظامي ڪوتاهي يا دير جو نتيجو ڪنهن به صورت ۾ ملازم تي نه پوڻ گهرجي.
عدالت چيو ته اهل سرڪاري ملازم کي وقت سر پروموشن لاءِ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي، انتظامي ڪوتاهي يا دير جي سزا ملازم کي نٿي ڏئي سگهجي.
سپريم ڪورٽوڌيڪ چيو ته پروموشن ۾ دير يا لاپرواهي ملازم جي حق کي متاثر نه ڪندي، سپريم ڪورٽ سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي ته هو وقت سر پروموشن واري عمل کي يقيني بڻائن.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ملازمن کي انتظامي ناڪامي جي سزا نٿي ڏئي سگهجي.